
ورڪشاپ: ورڪشاپ ويجهو منگلي ٿاڻي جي حد قيوم آباد ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون. ان سلسلي ۾ لونگ منگواڻو، اشرف منگواڻو، محمد شريف منگواڻو، گل بھار منگواڻو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته زمين جو ڪيس ڪورٽ ۾ ھلـندڙ آهي، ان باوجود عظيم منگواڻو، محمد بخش منگواڻو ۽ عبدالڪريم منگواڻو زوري زبردستي جھيڙي واري زمين تي ٽريڪٽر ھلايو، اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي. هنن گهر ڪئي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏياريو وڃي.