پاڪستانسنڌ

ڊينگي بخار وگهي ميرواهه گورچاڻي جا 2 نوجوان فوت

ميرواہه گورچاڻي: ميرواهه گورچاڻي جي ڳوٺ غلام محمد آرائين جي رھواسي ڪار جي اي سي جو مستري 32 سالن جو محمد عمران آرائين ولد پير محمد آرائين ڊينگي بخار سبب فوت ٿي ويو. ٻئي طرف نويد ڪامران بلوچ فارم جي قاضي نياز محمد کوسو جو ننڍو ڀاءُ 30 سالن جو محمد اسلم کوسو دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. سندس وڏي ڀا نياز محمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀا کي گذريل ڏينهن معمولي بخار ٿيو، شهر مان علاج ڪرايو، وڌيڪ طبيعت خراب ٿيڻ ڪري حيدرآباد سول اسپتال کڻائي وياسين، جتي ڀا فوت ٿي ويو. ڊاڪٽرن مطابق نوجوان دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب فوت ٿيو آهي، پر اسان کي ڊينگي بخار جو شڪ آهي. هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻ اڳوڻي ٽائون ڪميٽي ميرواهه گورچاڻي جي وائيس چيئرمين حاجي علي احمد گورچاڻي، اڳوڻي اقليت ڪائونسلر کيمچند ڀيل، ايڊووڪيٽ سرمد ميگهواڙ، دڪاندار گلاب را، ڪامريڊ شگن لال ڪولھي، ايڊووڪيٽ محمد رفيق ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته صحت کاتي کان ويندي ٽائون ڪميٽي ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ هوندي علائقي ۾ مڇر مار اسپري نٿي ڪرائي وڃي، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن، ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ آهي، پر ڪير پڇڻ وارو ناهي. هنن گهر ڪئي ته ٻن نوجوانن جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺي سڄي شهر ۾ مڇرمار ڦوهارو ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button