پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ گم ٿيل نوجوان جو گولي لڳل لاش مليو

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهه هڙي لڳ گم ٿيل نوجوان جو گولي لڳل لاش مليو. ان سلسلي ۾ عثمان شاھه ھڙي ويجھو ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل ساند ڀرسان ڪمند جي فصل مان پوليس کي عرفان ڪوٽ جي رھواسي 25 سالن جي عارف ڪشميري جو گولي لڳل لاش مليو، واقعي جي اطلاع تي مقتول جا وارث، پوليس ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس لاش کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان صبح کان گم ھو، ڳولا ڪئي ته اسنا کي ڪمند جي فصل مان لاش مليو. ٻئي پاسي لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن پوليس چيو ته نوجوان جو ڪمند مان گولي لڳل لاش مليو آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button