اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو طرفان عمران خان تي حملي جي مذمت

ڪراچي:پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته مان سڀني جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به حملي جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button