پاڪستان

عمران خان وزيراعظم سميت 3 ڄڻن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لانگ مارچ دوران پاڻ تي ۽ قيادت تي ٿيل حملي جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير راڻا ثنا الله سميت ٽن ڄڻن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. عمران خان جو بيان سينيئر اڳواڻ اسد عمر پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته وزيرآباد ۾ لانگ مارچ تي فائرنگ سبب زخمي ٿيل پارٽي سربراهه عمران خان مٿس ٿيل حملي جو ذميوار وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير راڻا ثنا الله ۽ ڳجهي اداري جي ڪائونٽر انٽيليجنس شعبي جي سربراهه کي قرار ڏنو آهي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اسد عمر چيو ته عمران خان مون کي ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار اسلم اقبال کي گهرائي پنهنجي طرفان هي بيان جاري ڪرڻ جو چيو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته ٽن ماڻهن بابت کيس يقين آهي ته انهن ئي اهو سڀ ڪجهه ڪرايو آهي، جيڪي شهباز شريف، راڻا ثنا الله ۽ ميجر جنرل فيصل آهن. عمران خان چيو ته مون وٽ اڳواٽ ڪجهه ڄاڻ اچي رهي هئي، جنهن جي بنياد تي اهو چئي رهيو آهيان ته قاتلاڻو حملو انهن ٽن ماڻهن ئي ڪرايو آهي، عمران خان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ٽنهي ماڻهن کي سندن عهدن تان هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. اسد عمر چيو ته جيڪڏهن عمران خان جو مطالبو پورو نٿو ڪيو وڃي ته جنهن ڏينهن ۽ جنهن وقت هو سڏ ڏيندو، اسان جا ڪارڪن سڄي ملڪ ۾ ٻاهر نڪري احتجاج شروع ڪندا. وڊيو ۾ اسلم اقبال چيو ته اسان وزيراعظم شهباز شريف، راڻا ثنا الله ۽ ميجر جنرل فيصل خلاف عمران خان تي حملي جو ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ عمران خان جو بيان به ورتو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button