پاڪستان

عمران خان ماڻهن کي گمراهه پيو ڪري، کيس قتل ڪرڻ جو ارادو هو: فائرنگ ڪندڙ شخص جو اعترافي بيان

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي فائرنگ ڪندڙ مبينا جوابدار محمد نويد پٽ بشير جو اعتراف تي ٻڌل وڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن عمران خان کي پنهنجو اصل هدف قرار ڏيندي چيو ته عمران خان ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو هو، مون کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ۽ مون پوري ڪوشش ڪئي ته عمران خان کي قتل ڪريان، صرف عمران خان کي، باقي منهنجو ٻيو ڪو به ٽارگيٽ نه هو، منهنجو ڪنهن تنظيم يا گروهه سان ڪو تعلق ناهي، مان اڪيلو آهيان، ڪنهن جي چوڻ تي نه پر پنهنجي مرضي سان عمران خان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس کي ڏنل بيان ۾ جوابدار چيو ته مون اهو سوچيو ته هيڏانهن آذان اچي رهي آهي ۽ هوڏانهن ڊيڪ لڳائي گوڙ ڪيو پيو وڃي، اهو سوچي منهنجي ضمير ان ڳالهه کي سٺو نه سمجهيو، جنهن بعد مون اوچتو فيصلو ڪيو، ڏينهن کان صبح کان، جنهن ڏينهن هي لاهور کان هليو آهي، ان ڏينهن کان مون اها سازش سوچي هئي ته عمران خان کي ڇڏڻو ناهي. جوابدار چيو ته منهنجي پٺيان ڪير به ناهي، آئون اڪيلو آهيان، مون سان گڏ ڪير به نه هو، مان پنهنجي موٽر سائيڪل تي آيس، جيڪا مون پنهنجي مامي جي دڪان تي بيهاري ڇڏي هئي، منهنجي مامي جو موٽر سائيڪلن جو شو روم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button