پاڪستانسنڌ

عمران خان کي هاڻي فيس سيونگ نه ملندي: اسماعيل راهو

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو دعويٰ ڪندي چيو آھي ته عمران خان نيازي جو لانگ مارچ ناڪام ٿي چڪو آهي، تنھن ڪري ملتوي ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي ھاڻي ڪهاڻي ختم ٿي چڪي آهي. اسماعيل راهو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان کي هاڻي فيس سيونگ نه ملندي ۽ نه وري ٻيھر لانگ مارچ ڪري سگھندو.

ھن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان وٽ لانگ مارچ کي ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، آخري بال ۽ ساھه تائين وڙهندڙ جي ڦوڪڻي مان هوا پنجاب ۾ ئي نڪري وئي، قوم هن کنڊ چور ۽ گھڙي چور کي سڃاڻي چڪي آهي، ان ڪري عوام هن سان گڏ روڊن تي نه نڪتو. صوبائي وزير چيو ته پهرين چيو ويو هو ته هڪ گولي ٽنگ ۾ لڳي آھي، پوءِ چيو ويو ته چار گوليون لڳيون آھن، اڳ ۾ چيو ويو ته ڪو به فريڪچر ناهي پوءِ وري ان جو اضافو ڪيو ويو. اسماعيل راھو عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته عمران خان صاحب سنڌ جا خواب ڏسڻ بند ڪريو، هاڻي ته اوھان کان پنجاب به ويو، هاڻي توهان ڪي پي ڪي جو فڪر ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button