اسلام آبادپاڪستان

مير بلخ شير مزاري سياست جي قدآور شخصيت هو:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي نگران وزيراعظم مير بلخ شير مزاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف بلخ شير مزاري جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس خدمتون دير تائين ياد رکيون وينديون. وزيراعظم چيو ته بلخ شير مزاري، مزاري قبيلي جي سردار ۽ ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو. هو بلوچستان صوبي ۽ پاڪستان جي سياست جي قدآور شخصيت هو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button