اسلام آبادپاڪستان

حڪومت تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪوليشن سمري ذريعي تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏني آهي. گهرو وزارت طرفان وفاقي ڪابينا کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي هٽائڻ جي سمري موڪلي وئي هئي. سمري ۾ چيو ويو هو ته پنجاب حڪومت تحريڪ لبيڪ سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي. سمري موجب ٽي ايل پي اڳتي هلي پرتشدد احتجاج نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڪالعدم تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي تي عمل جي حوالي سان ٺاهيل اسٽيئرنگ ڪميٽي وفاق کي ڪالعدم تحريڪ لبيڪ تان پابندي ختم ڪرڻ جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ذريعن موجب ڪالعدم تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي تي عمل جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت معاهدي تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪالعدم تنظيم جي 2100 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر جن ڪارڪنن خلاف ڪيس آهن، اهي عدالتن سان رابطو ڪندا ۽ پنجاب حڪومت انهن لاءِ به نرم رويو اختيار ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button