پاڪستانعالمي

نواز شريف جو وزيراعظم کي فون، عمران خان خلاف فوري ڪارروائي جي هدايت

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وڏي ڀا نواز ليگ سربراهه نواز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران نواز شريف پاڪ فوج خلاف بيانن ۽ الزام هڻڻ تي شهباز شريف کي عمران خان خلاف فوري طور قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب شهباز شريف ۽ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ رابطي دوران تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي پاڪ فوج بابت بيانن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته هي شخص قومي رياستي ادارن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي، حڪومت آ ايس پي آر جي بيان جي بنياد تي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪري، هي شخص فوج ۽ عوام کي آمهون سامهون بيهاري خوني انقلاب جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پارٽي سربراهه سان سهمت ٿيندي چيو ته عمران خان سيڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي، تنهن ڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button