ڪوئيٽا، هرنائي، زيارت، شانگلا ۽ آزاد ڪشمير سميت اتر بلوچستان ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ برسات سان گڏ برفباري ٿيڻ ڪري ٿڌين هوائن جو زور وڌي ويو، ڪراچي ۾ به هلڪي وسڪاري سيارو اچڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ٿڌ وڌي وئي آهي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان جي اترين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري ملڪ کي ٺاري ڇڏيو آهي، شانگلا جي مٿانهين جابلو علائقن ۾ برفباري ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ برسات پئي آهي. جاڙن شهرن راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڪوهه مري ۾ به ٿڌي هوا ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ ڪري سياري جي شروعات ٿي وئي، هوڏانهن ڊي آءِ خان، مانسهره، اٽڪ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌين هوائن ديرو ڄمائي ورتو، جڏهن ته ڪراچي ۾ وسڪاري سان سياري جي آجيان ٿي آهي. ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي ڦڙ ڦڙ ٿي آهي. ملير، قائد آباد، گلشن حديد، ناظم آباد سميت ٻين علائقن ۾ ڪڪر ڇانيل رهيا ۽ ڪڻ ڪڻ پئي، اهڙي وڻندڙ موسم ۾ شهرين تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close