
سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ مهلت ڏيڻ باوجود اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي ٿيل حملي جي ايف آ آر داخل نه ٿي سگهي، تحريڪ انصاف چيئرمين ڪيس ۾ حساس اداري جي آفيسر جو نالو شامل ڪرڻ تي بضد آهي، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي هڪ ئي ڏينهن 2 ملاقاتون ڪرڻ باوجود عمران خان جي مطالبي تي راضي نه ٿيو. ذريعن موجب لاهور ۾ پرويز الاهي سان ٿيل ٻن ملاقاتن ۾ عمران خان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ وزيرآباد واقعي جي ايف آ آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي پرويز الاهي واضح ڪيو ته سپريم ڪورٽ 24 ڪلاڪن اندر ايف آ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهو حڪم ناهي ڏنو ته ان ۾ حساس اداري جي آفيسر جو نالو به شامل ڪيو وڃي. اهڙي ڳالهه تي عمران خان ڪاوڙ ظاهر ڪندي پرويز الاهي کي ورندي ڏني ته حملو اسان تي ٿيو آهي، تنهن ڪري جوابدار نامزد ڪرڻ اسان جو قانوني حق آهي. ملاقات ۾ موجود مونس الاهي تجويز ڏني ته شهباز شريف ۽ راڻا ثنا الله کانسوا ٽئين شخصيت کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ بدران نامعلوم جوابدار لکي ڇڏيون ٿا، جيڪڏهن جاچ ۾ ڪجهه شاهديون مليون ته بعد ۾ ان کي به نامزد ڪري ڇڏبو، ان باوجود عمران خان پنجاب جي وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو اتحادي هجڻ ناتي پنهنجي ذميواري پوري ڪري. ذريعن موجب عمران خان ايف آ آر داخل ڪرائڻ بابت قانوني ماهرن سان به ڌار ملاقات ڪري صلاح مشورو ڪيو آهي. ذريعن اها پڻ دعويٰ ڪئي ته پرويز الاهي ٻي ملاقات ۾ به پنهنجي موقف تي قائم رهيو ۽ عمران خان اڳيان واضح ڪيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ مان 3 نالا شامل ڪرائڻ جو حڪم ڏياري وٺي ته پو اسان ايف آ آر داخل ڪري وٺنداسين، ٻي صورت ۾ اهو ممڪن ناهي. پرويز الاهي ملاقات ۾ عمران خان کي سخت سيڪيورٽي خدشن سبب لانگ مارچ ڪجهه ڏينهن لا ملتوي ڪري سڌي ريت اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جي تجويز پڻ ڏني. عمران خان جي زمان پارڪ واري رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات ۾ مونس الاهي، حسين الاهي، فواد چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما پڻ موجود هئا.