پاڪستان

سعودي ولي عهد هلندڙ مهيني پاڪستان ياترا تي ايندو، بيل آئوٽ پئڪيج ملڻ جو امڪان

وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد بن سلمان هلندڙ مهيني پاڪستان جي دوري تي ايندو، جنهن دوران اهم معاهدا، مضبوط سيڙپڪاري ٿيڻ ۽ پاڪستان کي 4 ڏهائي 2 ارب ڊالرن جو اضافي بيل آئوٽ پئڪيج ملڻ جا امڪان آهن. رپورٽ موجب سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادا محمد بن سلمان 21 نومبر تي پاڪستان ياترا تي ايندو، ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي آخر تائين سعودي عرب جي خصوصي سيڪيورٽي ٽيم پاڪستان پهچندي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو حتمي جائزو وٺندي. سعودي ولي عهد جي دوري دوران پاڪستان کي 4 ڏهائي 2 ارب ڊالرن جو اضافي بيل آئوٽ پئڪيج ملڻ ۽ سگهاري سيڙپڪاري جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. سفارتي ذريعن موجب ڪيترن ئي پاڪ سعودي پيٽروليم معاهدن تي آخري شڪل ڏني پئي وڃي. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب طرفان پيٽروليم شعبي ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي معاهدي جو به امڪان آهي، سعودي عرب گوادر ۾ جديد آئل ريفائنري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، گوادر ۾ 10 ارب ڊالرن جي لاڳت سان آئل ريفائنري لاءِ سعودي عرب چين سان گڏجي مدد ڪندو ۽ چيني ڪمپنيون منصوبو پورو ٿيڻ بعد شروعاتي طور ريفائنري هلائينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button