نيويارڪ: هاليووڊ ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون 2009ع ۾ فلم اواتار جي ڪاميابي کانپوءِ اعلان ڪيو هو ته هو گڏيل طور 5 حصن ۾ ان ڪهاڻي کي مڪمل ڪندو. فلم اواتار 2009ع ۾ رليز ٿي هئي ۽ 13 سالن کانپوءِ جيمز ڪيمرون جي ان فلم جو ٻيو حصو ڊسمبر 2022ع ۾ رليز ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٽئين حصي جي پروڊڪشن جاري آهي. پر هاڻ جيمز ڪيمرون اشارو ڏنو آهي ته اواتار 3 سيريز جي آخري فلم هوندي. هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته فلمن جي ڪهاڻي اسٽريمنگ سروسز جي آمد کان اڳ لکي چڪا هئاسين. جڏهن ته ڪرونا وائرس جي وبا فلمن کي ڏسڻ وارو تجربو به بدلائي ڇڏيو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اواتار ٽو تي واهپيدار ڪهڙو ردعمل ڏين ٿا. هن چيو ته 13 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ دنيا مختلف آهي، وبا ۽ اسٽريمنگ گهڻو تبديل ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته اٽڪل ڏهن سالن تائين سڀ کان وڌيڪ ڪمائڻ واري فلم جو رڪارد اواتار جي نالي رهيو جيڪو 2019ع ۾ ايوينجرز اينڊ گيم ٽوڙيو هو. پر 2021 ۾ اواتار چين ۾ ٻيهر رليز ڪئي وئي ۽ اها فلم هڪ ڀيرو وري سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم جو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close