اسلام آبادپاڪستان

باغي ميمبرن جي ڊي سيٽ کانپوءِ نوان ميمبر چونڊجي ويا،کين ڌر بڻايو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : پي ٽي آئي جي باغي ميمبرن جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اپيل تي شنوائي دوران عدالت نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي ڪيس ۾ ڌر بڻائڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آئي جي باغي ميمبرن جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي خلاف اپيل تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. باغي ميمبرن اپيلن تي دليلن لاءِ وڪيل مٽائيندي ايڊووڪيٽ عمر اسلم جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون. چيف جسٽس عمر عطا بنديال پاران ايڊووڪيٽ عمر اسلم جي آجيان ڪئي وئي. ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته باغي ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ کان پوءِ نوان ميمبر چوندجي چڪا آهن. ايڊووڪيٽ عمر اسلم چيو ته مون کي گذريل رات ئي وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي، ان تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي تياري لاءِ وقت ڏئي ڇڏيون ٿا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته معاملي ۾ وڏي دلچسپ سوال جو جائزو وٺڻو آهي، نون چونڊيل ميمبرن کي به ڌر بڻايو جنهن کان پوءِ عدالت باغي ميمبر محسن عطا خان کوسا کي اپيل واپس وٺڻ جي اجازت ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ شنوائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button