اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

وياج بابت فيصلي خلاف اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد :ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وياج بابت وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ اسلامي بينڪنگ سسٽم کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ان تي جلد عملدرآمد جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل ڏينهن ۾ وفاقي شرعي عدالت وياج واري نظام خلاف فيصلو ڏنو آهي، اهو ئي قرآن ۽ سنت جو حڪم آهي. اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون. هن چيو ته ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان خاص مشاورت ڪئي وئي، اسان جي راءِ موجب فيصلي جو معيار قرآن ۽ سنت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيلون واپس وٺنداسين. حڪومت ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي، الله تعاليٰ اسان کي ملڪ ۾ وياج کان پاڪ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، ان ۾ چئلينجز آهن، ان کي تبديل نٿو ڪري سگهجي پر حڪومت پنهنجي حد تائين اپيلون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ وفاقي شريعت ڪورٽ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيلون واپس وٺنداسين، وفاقي شريعت ڪورٽ وياج خلاف فيصلو ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ وياج کان پاڪ نظام کي تيزي سان اڳتي وٺي هلنداسين. اسحاق ڊار چيو ته وفاقي شريعت ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته معيشت کي وياج کان پاڪ ڪيو ويندو. گذريل هفتي دوران تفصيل سان ڳالهيون ٿيون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان روڊ ميپ ڊسڪس ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ اسلامي بئنڪنگ نظام کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button