اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت 50 ڪروڙ ڊالر مهانگو قرض وٺڻ لاءِ شرطن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت 50 ڪروڙ ڊالر مهانگو قرض وٺڻ لاءِ شرطن جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي قرض 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي ان فارن فنڊنگ پئڪيج جو حصو آهي. رٿابندي وزارت جي ذريعن مطابق سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي اڱاري تي ايشين انفرااسٽريڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ کان بجيٽ سپورٽ قرض طور 50 ڪروڙ ڊالر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانسيپٽ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي. هي لون ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ کان ملندڙ ڏيڍ ارب ڊالر جي ان قرض کان علاوه آهي، جنهن جي منظوري گذريل مهيني ڏني وئي هئي. حڪومت هي ٻئي قرض 2 ڏهائي 4 ارب ڊالر ماليت جي ان ڪانٽرسائيڪليڪل اسڪسپينڊيچر پلان لاءِ فنڊ وٺي رهي آهي. جڏهن ته تفصيل مطابق ڄاڻايل پئڪيج جو وڏو حصو معمول جي مدن ۾ خرچ ڪيو ويندو. جڏهن ته معمولي حصو غريب شهرين کي مهانگائي جي عالمي لهر جي اثرن کان بچائڻ لاءِ نون منصوبن تي خرچ ٿيندو. سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي ميٽنگ جي صدارت ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن احسن اقبال جي غير موجودگي ۾ سيڪريٽري رٿابندي وزارت ڪئي. حڪومت قرض جي ڪانسٽيپ ڪليئرنس لا هنگامي ميٽنگ سڏائي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button