پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي ۽ نوجوانن جي بازيابي لا قومپرستن جي ريلي

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو جسقم ضلعي گھوٽڪي ۽ ٻين قومپرست پارٽين طرفان ڌاڙيل راڄ جي خاتمي، شهيد اهلڪارن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ اوٻاوڙو مان اغوا ٿيل نوجوانن جي بازيابي لا جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن ۽ شهرين ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. جڏهن ته قومپرست ڪارڪنن ۽ شهرين مختلف رستن تان گشت ڪيو. ان موقعي تي جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، جسقم آريسر اڳواڻ، وحيد سنڌي، اڪبر علي گنب، بهادر لولائي، آصف فاروقي، مير حمزا دايو، جسم اڳواڻ مجيد جوڻو، ڪامريڊ ثنا اللہ سنڌي ۽ ايس يو پي اڳواڻ عمر ڀيو چيو ته سنڌ پيار محبت ۽ امن جي ڌرتي آهي، پر ڪجهه سازشي عناصرن امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته رانوتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن 5 پوليس آفيسرن کي قتل ڪيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، رائونتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽ آپريشن ڪري امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ڌاڙيلن 5 سنڌي پوليس آفيسرن کي قتل ڪيو آهي پر اڃان تائين پوليس آپريشن شروع نه ڪيو آهي. هنن آ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪري امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ ضلع گهوٽڪي ۾ هلندڙ قبيلائي تڪرار ختم ڪري اوٻاڙو مان اغوا ٿيل 3 ڄڻن کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن جسقم اڳواڻن شهيد پوليس اهلڪار سليم چاچڙ جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button