نوشهروفيروز: سياسي سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو پاران نوشهروفيروز مان گندو ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سومر ڏينھن ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ضلع انتظاميا ھٿ وٺي نوشهروفيروز کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، شھر گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهي ته ٻهراڙيون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جنھن سبب عوام جي زندگي مفلوج بڻيل آهي، ماڻھن ۽ چوپائي مال کي کائڻ لاءِ خوراڪ ناھي، سياري جي موسم ۾ ماڻھن کي مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت ناھي، ھزارين نياڻيون ۽ مائرون روڊ ڪنڌي تي ويٺل آھن، پر سنڌ سرڪار ۽ ضلع انتظاميا سندن سار لھڻ لاءِ تيار ناھي. زرداري ليگ نوشهروفيروز لاءِ ضيا لنجار کي وائسراءِ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آھي. ھن چيو ته سڄو ھفتو سجاڳي مھم ھلائي ويندي، جنهن بعد ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close