اسلام آباد : سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان رستا بند ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، زبانون بند ڪندڙ اڄ رستا بند ڪري رهيو آهي. عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ ڏچو وڳوڙ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ وڳوڙ انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي. هن چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ اسڪول ۽ اسپتالن جا رستا بند آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جيڪي پئسا رستا بند ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون لڳائڻ ۾ خرچ ڪري رهيو آهي، اهي پئسا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي جيڪي پئسا باهه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي، اهي ٻوڏ متاثرن جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي خرچ ڪيا وڃن. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪي پئسا ٽائر ساڙڻ تي لڳي رهيا آهن، اهي ٻوڏ متاثرن جي چلهه ٻرڻ ۾ خرچ ڪيا وڃن. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪي پئسا اسڪول ۽ اسپتالون بند ڪرڻ تي خرچ ڪيا پيا وڃن، اهي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهڻ تي خرچ ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close