
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي درخواستن تي شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي شنوائي دوران وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته ارسلان لياقت آباد ۽ مجيب الرحمان سچل جي علائقي مان گم ٿيا آهن، کين بازياب ڪرايو وڃي. شنوائي دوران پوليس اهلڪارن رپورٽ پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو ته گم ٿيل شهري ارسلان بابت 7 جي آئي ٽيز اجلاس ٿي چڪا آهن، جڏهن ته شهري مجيب الرحمان جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن. جنهن جو اڃا تائين ڪوبه پتو نه لڳي سگهيو آهي. انهن جي بازيابي لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت پوليس ۽ ٻين ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي.