پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ملازم جو قتل، گرفتار ماءُ ۽ پٽ تشدد جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي: ڪراچي ۾ 14 سالن جي گهريلو ملازم تي تشدد ۽ قتل واري معاملي ۾ اڳڀرائي سامهون آئي آهي. جنهن موجب گرفتار ٿيل ماءُ ۽ پٽ ٻارڙي تي سخت تشدد جو اعتراف ڪري ورتو آهي. اختيارين موجب پوليس ڊسٽرڪٽ ايسٽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ٽارگيٽ ايڪشن وٺندي شهيد ملت جي علائقي ۾ هڪ بنگلي مان ٻارڙي کي اسپتال منتقل ڪندڙ عورت ۽ ان جي پٽ کي گرفتار ڪيو. عورت جي سڃاڻپ سمرين جاويد ۽ سندس پٽ جي سڃاڻپ فرحان جاويد جي نالن سان ٿي آهي، پوليس ذريعن موجب ٻارڙي جي سڃاڻپ آفتاب جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جو اباڻو تعلق پنجاب سان آهي. پوليس ڇوڪري جي تشدد ٿيل لاش کي اسپتال کڻي ويندڙ ڪار به قبضي ۾ ڪري ورتي. پوليس موجب ٻارڙي جي لاش جي ڪيميائي تجزيي ۽ ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار آهي، جنهن کانپوءِ حتمي طور تي ان بابت ڪجهه چئي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button