ڪوٽڙي: سيوهڻ ڀرسان جهانگارا ٿاڻي جي حد مان 12 ڏينهن اغوا ڄاڻايل ناري عاشيه سومرو پنهجي ماسات بلاول سومرو سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ناري عاشيه سومرو پنهنجي مڙس سان گڏجي وڪيل ايڊوڪيٽ عابده پرين ملاح معرفت عدالت ۾ تحفظ لاۡ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڄامشورو جي عدالت ۾ ناري جي مڙس بلاول ۽ ڏير جاويد سومرو جي اغوا واري ڪيس ۾ 50.50 هزار روپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪرائي وئي.
ان موقعي ته عاشيه سومرو ٻڌايو ته 31 آڪٽوبر تي مان پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري ماسات بلال سومرو سان شادي ڪئي آهي، مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، منهنجي پيۡ محمد علي سومرو جهانگارا ٿاڻي تي منهنجي مڙس بلال ۽ ڏيرن مٿان ڪوڙو اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو. هاڻي منهنجي ما شهناز، ڀاۡ باز علي، آصف علي، چاچو روشن علي بااثر وڏيرو شاهه محمد لاکو ۽ فيض محمد لاکو مون کي ۽ منهنجي مڙس سيمت ڏيرن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته تحفظ ڏنو وڃي.