ملير: ملير ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري ٻن مغوي ٻارڙن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته مقابلي دوران ٻن زخمي جوابدارن سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رينجرز ترجمان موجب شاهه لطيف ٽائون واري علائقي دائود شورو ۾ رينجرز ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران جوابدارن ۽ رينجرز وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. رينجرز ترجمان موجب مقابلي بعد ٻن زخمي جوابدارن سوڌو 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ٿيلن ۾ علي اڪبر، عاقب، منظور ۽ عمير شامل آهن. رينجرز ترجمان موجب ڪارروائي دوران شاهه فيصل ڪالوني مان اغوا ٿي ويل ٻن ٻارڙن روحن ۽ رحيم کي بازياب ڪرايو ويو آهي. جوابدارن مغوين جي وارثن کان 5 ڪروڙ رپيا ڀُنگ طلب ڪيو هو، گرفتار ڪيل سمورا جوابدار پوليس حوالي ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close