پاڪستانسنڌ

ايم ڪيو ايم به مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ لا عدالت پهچي وئي

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ورتي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب قانونسازي ٿيڻ تائين مڪاني ادارا مڪمل بااختيار ٿي نه ٿا سگهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني نظام واري قانون ۾ ترميمون ٿيڻ تائين مڪاني چونڊون نه ڪرايون وڃن، ڪيس جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسان جو موقف به ٻڌو وڃي. واضح رهي ته مڪاني چونڊن بابت تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جون اڳواٽ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ٿيل آهن،

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سڀاڻي سومر ڏينهن درخواستن تي شنوائي ڪندي. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو آهي ته اسان مڪاني چونڊن جي مخالفت نٿا ڪريون پر چونڊن کان اڳ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻايو وڃي. وسيم اختر چيو ته اسان مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ نٿا چاهيون پر چونڊن کان اڳ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻايو وڃي، چونڊن کان اڳ تڪبنديون درست ڪيون وڃن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ وارو ماحول پيدا ڪري رهي آهي، ملڪ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو آهي، اهڙين حالتن ۾ چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button