پاڪستانسنڌ

عمران خان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لا سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن:پاشا قاضي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پ پ يوسي 66 جي صدر ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي جي صدارت هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس ملهائڻ جي سلسلي ۾ قاضي هائوس تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن ۽ جيالن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارٽي جي يوم تاسيس ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي ۽ سڄي حيدرآباد شهر ۾ عوام ۾ جاڳرتا لا مهم هلائي پمفليٽ ورهائڻ سميت بينر هنيا ويندا. اجلاس ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پاشا قاضي چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لا سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، پر عوام کيس ناڪام بڻائي چڪو آهي، عمران خان چيو ته مون کي 4 گوليون لڳيون آهن، اسپتال ويندي جيڪا ڄنگهه گوليون سان پروڻ ڏيکاري هئي، ان بدران پلاسٽر وري ٻي ڄنگهه ۾ لڳرائي ڇڏيو، هن سمجهيو ته عوام کي ڪجهه نظر نٿو اچي، پر هاڻ سوشل ميڊيا تي عوام مٿس تنقيد ڪري کيس ڪوڙو هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ سنڌ جي عوام کي سهولتون ڏئي رهي آهي، پارٽي قيادت جي حڪم تي ڪروڙين ڪارڪن پنهنجي جان جي به پرواهه ناهن ڪندا، عمران خان سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيالن کيس راتون رات ڪي پي ڪي پهچائي ڇڏيندا. هن چيو ته عوام، جيالا ۽ ورڪر يوم تاسيس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button