پاڪستانسنڌ

پورهيتن جي 25 هزار پگهار رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي: ها ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا آهن ته اڄ به پورهيتن کي 10 هزار رپيا ماهوار پگهار ڏني وڃي ٿي، حڪومت پورهيتن جي پگهار 25 هزار مقرر ته ڪئي پر اها رڳو ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور صوبي ۾ سوشل سيڪيورٽي ڪورٽس ٺاهڻ واري ڪيس جي شنوائي ڪئي. شنوائي دوران عدالت سوشل سڪيورٽي ڪورٽس جي قيام بابت مزدورن جي دادرسي جي لاءِ ڪوبه فورم نه هجڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته پورهيتن جي ايتري پگهار آهي جو ڪپڙا به نه ٿا وٺي سگهن، ڪمپنين ۾ مري ويندڙ پورهيتن جي موت جا ذميوار اسان آهيون، اسان هنن جي حقن جي لاءِ نه ٿا ڳالهايون. عدالت ۾ ليبر کاتي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ويو ته پيٽرول پمپس تي ڪم ڪندڙ پورهيت رجسٽرڊ آهن؟ اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙي مالڪ جي خلاف ڪارروائي ٿي آهي؟ ڇا اوهان پورهيتن کي رجسٽرڊ ڪرڻ بابت آگاهي مهم هلائي آهي؟ عدالت ايندڙ شنوائي تي سنڌ امپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽٽيوٽ جي چيئرمين کي طلب ڪندي 7 فيبروري تائين شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button