پاڪستانسنڌ

صحت کاتي ملازمن تي پوليس تشدد خلاف مظاهرا، گرفتار 12 اڳواڻ آزاد

أحيدرآباد/ڪراچي: ڪراچي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي رسڪ الائونس جي بحالي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن مٿان لاٺي چارج، تشدد ۽ گرفتارين واري عمل خلاف ڪالهه مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڪراچي جي عدالت احتجاج ڪرڻ تان گرفتار ڪيل گرينڊ هيلٿ الائنس جي 12 اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيڪشن 63 تحت سمورن اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽر محبوب نوناري، اعجاز ڪليري، ڊاڪٽر وارث، ڊاڪٽر شفيق، سيد عظيم، محمد آصف ۽ ٻيا اڳواڻ آزاديءَ کانپوءِ ڌرڻي ۾ پهچي ويا. آرام باغ ٿاڻي جي پوليس جي مدعيت ۾ اڳواڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. گرينڊ هيلٿ الائنس جي آزاد ٿيل اڳواڻن چيو آهي ته گرفتارين ۽ ڪيسن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نڪتل آهيون. هنن چيو ته هيلٿ رسڪ الائونس ۽ ٻيا مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن ڪراچي پوليس پاران صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد خلاف سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحت کاتي جي ملازمن جو ڌرڻو جاري آهي، لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جي ايڇ اي، وائي ڊي اي، وائي سي اي ۽ سمبوٽا ٽيچرس ايسوسيئيشن طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي گيٽ اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. قمبر ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. جيڪب آباد ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي ينگ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ڪراچي ۾ صحت کاتي جي ملازمن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز تي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. نجمه کوسو، ڊاڪٽر رياض سومرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو ويو ۽ سنڌ سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

شڪارپور ۾ آر بي ٽي يو سول اسپتال ۾ جي ايڇ اي جي پليٽ فارم تان پاڪستان پيراميڊيڪل نرسنگ جي سڏ تي ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جي ملازمن اوپي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري اوپي ڊي کان شڪارپور پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. دادو ۾ صحت کاتي جي ملازمن جو سول اسپتال دادو کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي مارچ ڪري مختلف رستن کان ٿيندا پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ملازمن راجا رفيق پنھور، امتياز چانڊيو، غياث الدين شاهاڻي، امداد عباسي، ثمينه لاشاري، شهناز سومرو، گل حسن چانڊيو ۽ ٻين سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل اسپتال جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل، ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد اسپتال مک گيٽ وٽان پيادل احتاجي مارچ ڪرڻ بعد ريلي ڪڍي وئي. ڊاڪٽر نند لال، غلام قادر برفت، مولابخش برفت، عبدالستار لغاري، مارٿا جاويد، گلزار پنھور، اڪبر اڄڻ، اختيار سولنگي، اي ڊي ٻٻر، ارشاد ٻٻر، سجاد برفت، فياض راڄپر ۽ ٻين خطاب ڪيو. نوابشاهه ۾ دُر محمد بھراڻي، ساوڻ سنڌي، حاجي علي خان ٻگهيو، راشد لنڊ، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، منظور راڄپر، امان الله عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم ايس آفيس کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي نوشهروفيروز ۾ ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر , ڊاڪٽر غلام مرتضا سهتو، ڊاڪٽر يوسف نول جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. خيرپور ۾ عبدالحڪيم جاگيراڻي، ڊاڪٽر آزاد لاشاري، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ٿيو.

عمرڪوٽ ۾ نسرين الهداد راٺوڙ، مريم ڪنڀر، فاطمه شيخ، ڊاڪٽر سالڪ سومرو، فائزه آرائين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾ ملازمن ميرا ميڊيڪل اڳواڻن غلام رسول خاصخيلي، ڊاڪٽر اعظم چانڊيو ۽ فيض لغاري جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ٿرپارڪر ضلعي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتالن کي تالا هنيا ويا. مٺي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر حفيظ دل، ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي، ڊاڪٽر دلپت را۽،چمن لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. سجاول ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن سول اسپتال کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ڊاڪٽر عثمان سرويچ، فهيم ميمڻ، سعيد عمراڻي، منظور خواجه، سليمان منارو، سڪينه بوبڪ ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. جڏهن ته حيدرآباد، سکر، ڪشمور، ميرپورخاص، پيرڳوٺ، ڇاڇرو، مورو، ٺٽو، شهدادپور، هالا، ٽنڊوباگو، چمبڙ، پڊعيدن، پنوعاقل، ماتلي ۽ شاهپورچاڪر، ميروخان، ڊکڻ، سيتاروڊ، راڻيپور، اسلام ڪوٽ، مسڻ وڏي، نئون ڪوٽ، ميرپوربٺورو، ڌاٻيجي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button