اسلام آباد:وفاقي سرڪار شرعي عدالت طرفان وياج جي خاتمي واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي. حڪومت طرفان اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ۾ متفرق درخواست داخل ڪندي چيو ته وفاقي شرعي عدالت خلاف اپيل شنوائي هيٺ آهي، اپيل واپس وٺڻ واري متفرق درخواست منظور ڪئي وڃي. ايڪسپريس نيوز موجب وفاقي شرعي عدالت وياج جي نظام جي خاتمي بابت حڪم جاري ڪيو هو، جنهن خلاف اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، نجي بينڪن ۽ حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. ياد رهي ته 9 نومبر تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سود بابت وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close