اسلام آبادپاڪستان

راڻا ثنا الله اسپتال پهچي ويو،دل جي ماهرن کان معمول جو چيڪ اپ

اسلام آباد:گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ڪالهه آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي ۾ دل جي ماهرن کان معمول جي چيڪ اپ ڪرايو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق گذريل ڏينهن گهرو وزير راولپنڊي ۾ آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوالاجي ويو، جتي دل جي ماهر ڊاڪٽرن کان طبي معائنو ڪرايو. ترجمان مطابق گهرو وزير روٽين جي چيڪ اپ لاءِ اي ايف آءِ سي ويو. جڏهن ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بلڪل ٺيڪ آهيان، معمولي معائني ۽ پروسيجر لاءِ اسپتال آيو هئس. پنهنجي پيغام ۾هن چيو ته اسپتال ۾ رش ڪرڻ جي ضرورت ناهي، آچر تائين گهر اچي ويندس، دوست ۽ چاهيندڙ آپريشن ٿيٽر ۾ منهنجي تصوير ڏسي پريشان ٿي ويا آهن، اها تصوير 2004 ع جي آهي جڏهن منهنجي هارٽ سرجري ٿي هئي، ٻن، ٽن سالن کانپوءِ معائنو ۽ پروسيجر ضروري هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button