اسلام آبادپاڪستان

چئن سالن کان فارن ايجنٽ ملڪ ۽ قوم کي تماشو بڻايو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پاڻ تماشو بڻجي چڪو آهي، عمران صاحب هاڻي توهان جو تماشو بند ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڇنڇر ڏينهن هتي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته چئن سالن کان فارن ايجنٽ ملڪ ۽ قوم کي تماشو بڻايو. عمران خان جا سڀئي تماشا بي نقاب ٿي چڪا آهن. هن چيو ته عمران خان هن ملڪ ۾ 2014ع کان هڪ تماشو لڳايو، چار سال نالائقي، نااهلي، بهتان ۽ ڪوڙ جو تماشو لڳايو. هن چيو ته عمران خان عوام جي روزگار ۽ مهانگائي تي تماشو لڳايو. چئن سالن تائين ملڪ ۾ لٽ مار جا تماشا ڪيا، گهڙين ۽ هارن جي لٽ مار جا تماشا ٿيندا رهيا. شهيدن خلاف غليظ مهم هلائي ۽ ادارن ۾ بغاوت جا تماشا لڳايا. هن چيو ته ذاتي سياست تي قومي مفاد قربان ڪرڻ جا تماشا به لڳايا ويا. عمران صاحب هاڻي توهان جا سڀئي تماشا بند ٿيڻ جو وقت اچي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button