مسڻ وڏي: ٽنڊوالهيار جي تعلقي جهنڊو مري جي يوسي سلطان آباد جي ڳوٺ حاجي محمد پلھه جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون ٿي وئي، جنهن سبب 160 معصوم ٻار وڻن هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. 1980ع ۾ ٺھيل گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت جي اڄ تائين مرمت نه ٿي سگهي. پ پ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ ايم پي اي امداد پتافي جي تڪ جي اسڪول جي عمارت ڊهڻ تي ڪناري تي پهچي وئي. اسڪول ۾ سمورو فرنيچر به اکڙي خراب ٿي ويو. 30 سالن کان سئو کان وڌيڪ ٻارن کي رڳو هڪ استاد پڙهائي رهيو آهي، هاڻ هڪ استاد کي مقرر ڪيو ويو آهي، پر ٻار گهڻا هجڻ سبب وڌيڪ استادن جي ضرورت آهي، ان باوجود تعليم کاتي جي اختيارين استاد مقرر ناهن ڪيا. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي جي آفيسرن سميت ٻين کي درخواستون ڏيڻ باوجود عمارت جي مرمت ناهي ڪرائي وئي. ان سلسلي ۾ رهواسين غلام نبي پلهھ، انور سولنگي، محمد سليم سولنگي، شيرو شيخ، چوکو ميگھواڙ، ڀير چند ميگھواڙ، پارو ميگھواڙ، ڪيول ميگھواڙ خميسو ڀيل، رامڇي ڪولهي، ھميرو ڪولهي ۽ ٻين صوبائي وزير سردار علي شاھه، ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ ايم پي اي امداد پتافي کان مطالبو ڪيو ته اسڪول کي عمارت سميت تمام گهربل سھولتون فراهم ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close