پاڪستانسنڌ

مسئلا حل ڪرڻ لا اختيار نه پر نيت ضروري آهي:ڪامران ٽسوري

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽسوري اختر ڪالوني بازار جو دورو ڪيو ۽ دڪاندارن توڙي خريدارن سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي اختر ڪالوني بازار جو محمد رفيق باٽا موجود هو. دڪاندارن ۽ خريدارن گورنر کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته گورنر کي ائين هئڻ گهرجي. گورنر سنڌ چيو ته هو گورنر جو عهدو عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿو، هو عوام ۾ وڃي انهن جا مسئلا وڌيڪ بهتر طريقي سان سمجهي سگهي ٿو، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اختيارن جي نه پر ارادو ۽ نيت ضروري آهي. وڏي وزير سان بهترين ورڪنگ رليشن شپ آهي. ڪامران خان ٽسوري چيو ته نفرتون ختم ڪري سڀني کي متحد ڪرڻ چاهيان ٿو، گورنر هائوس جا دروازا عوام لاءِ کليل آهن. شهر جا تجارتي مرڪز سٺو روينيو ڏين ٿا، انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button