اسلام ڪوٽ: تاريخي ورثي ڪارونجھر جي ڪٽائي بدستور جاري آھي، ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف مختلف وقتن تي احتجاج ٿيڻ باوجود سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا جبل جي ڪٽائي روڪرائي نه سگهي آهي، ان ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪارونجھر جي ڪٽايئي وارو عمل تيز ٿي ويو آھي ۽ روز قيمتي پٿرن جي وڍ ٽڪ ڪئي پئي وڃي. گذريل ڏينھن عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ضلعي صدر ديوترا ڪرشن ميگھواڙ، دليپ ڪمار، خوشحال داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته پ پ ڪارونجھر کي کپائڻ جو ٺيڪو کنيو آھي، سنڌ جا سمورا وسيلا زرداري ليگ کپائي ھاڻ سنڌ جي فطري حسن ۽ قيمتي ڪارونجھر کي وڪرو ڪري رھي آھي. اڳواڻن چيو ته عوامي تحريڪ سنڌ دشمن منصوبن خلاف هميشه ميدان عمل ۾ رھي آھي، ڪارونجھر کي ڪنھن به صورت ۾ ڪپڻ نه ڏينداسين، اڄ اسلام ڪوٽ ۾ ڪارونجھر جي ڪٽا.ي خلاف احتجاج ڪري تحريڪ جي شروعات ڪئي آھي، 27 نومبر تي ڪارونجھر جي هنج ۾ تاريخي ريلي ڪڍنداسين. هنن مطالبو ڪيو ته ھن تاريخي ورثي کي ورلڊ ھيريٽيج جو درجو ڏنو وڃي، ڪارونجھر ننگرپارڪر جي جياپي جو ضامن آھي، ان جو ھڪ پٿر به کڻڻ نه ڏينداسين. جڏهن ته ڪرشن ميگھواڙ، دليپ ڪمار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس عوامي ھائٔوس ۾ ضلعي صدر وڪيل ديوترا جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٿرپارڪر ۾ تنظيمي ڪم جو ڄار وڇايو ويندو ۽ بااثر ڪمپنين ۽ حڪومت جي نمائندن پاران ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ امر وير روپلو ڪولھي جي عوامي تحريڪ پاران ٺھرايل يادگار تي لڳل تختي کي ھٽائٔڻ خلاف 27 نومبر تي ننگرپارڪر ۾ ريلي ڪڍي ارڏي انسان روپلي ڪولھي کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. اجلاس کي ضلعي صدر ديوترا، الھبچايو چارو، اعظم مريداڻي، پياسي ميگھواڙ، ڏاھو ڪولھي، ڪلتار ميگھواڙ، دليپ ڪمار ڀيل، عمر بجير، ڀورا لال ڀيل، ماجد پسايو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close