انگلينڊ ٽيم ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽرافي کان محروم ڪري ڇڏيو، بٽلر جي قيادت ۾ اڳوڻي چئمپين ٽيم هڪ دفعو ٻيهر مختصر فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي حاڪميت قائم ڪري ورتي آهي، سيم ڪرن شاندار بالنگ سان فائنل جو هيرو ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ جون ٽرافيون ٻهاري ويو. تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم گهٽ اسڪور تي به پنهنجي بالرن جي انتهائي شاندار ڪارڪردگي باوجود ميلبورن جو ميدان ماري نه سگهي ۽ 1992ع واري تاريخ ورجائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. پاڪستان ٽيم پهرين بئٽنگ جي دعوت ملڻ تي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽون وڃائي 137 رنسون ٺاهيون ۽ انگلينڊ اهو هدف 19 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. پاڪستان طرفان اوپنر محمد رضوان 15، محمد حارث 8، بابر اعظم 32 ۽ افتخار احمد کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيا، شان مسعود 38، محمد نواز 5، شاداب خان 20 ۽ محمد وسيم جونيئر 4 رنسون ٺاهي سگهيا. انگلينڊ جي فاسٽ بالر سيم ڪرن شاندار بالنگ ڪندي 3 اهم وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عادل رشيد ۽ ڪرس جارڊن 2- 2 شڪار ڪيا. 137 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ جي اننگز کي شروعات ۾ ئي لوڏا آيا، ايلڪس هيلز کي شاهين شاهه آفريدي پهرين ئي اوور ۾ بولڊ ڪيو، جنهن بعد حارث رئوف لڳاتار ٻه وار ڪري فل سالٽ ۽ جوز بٽلر کي پويلين ڀيڙو ڪيو، جنهن بعد بين اسٽوڪس ٽيم کي سهارو ڏئي ٽي ٽوئنٽي ۾ پنهنجي پهرين ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 52 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز سان مرد بحران ثابت ٿيو، ڪپتان جوز بٽلر 26، هيري بروڪ 20، معين علي 19 ۽ فل سالٽ 10 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستان جي بالرن 19 هين اوور تائين ڀرپور مقابلو ڪيو پر گهٽ اسڪور سبب شڪست ٽاري نه سگهيا، سيم ڪرن کي مئچ ۾ شڪار ۽ ورلڊ ڪپ ۾ 13 وڪيٽون وٺڻ تي فائنل جو هيرو ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته انگلينڊ ٽيم هن وقت ون ڊي فارميٽ ۾ به عالمي چئمپين آهي ۽ آخري ڀيرو 2010ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close