
ڪراچي: سنڌ جو اطلاعت وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جي ترجيح پاڪستان ۾ انتشار ۽ ورهاست پيدا ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي ترجيح پاڪستان ۾ انتشار ۽ ورهاست پيدا ڪرڻ آهي، اسان جو مذهب سختي سان اسان کي خراب ڪمن کان روڪي ٿو. صوبائي اطلاعت واري وزير چيو ته عمران جي پاليسي سبب معصوم شهري مصيبتن جو شڪار آهن، جيڪو اسلام جي خلاف آهي.