نئون ڪوٽ: جهڏي ٿاڻي جي جمعدار کي زال سميت گرفتار ڪيو ويو، تلاشي دوران چرس ۽ هيروئن ملي، پوليس ٻنهي زال مڙس تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب نئون ڪوٽ پوليس ۽ عورت اهلڪارن اي ايس آئي مانو مل جي اڳواڻي ۾ گشت دوران جھڏو کان نئون ڪوٽ ايندڙ موٽرسائيڪل سوار جهڏي ٿاڻي جي جمعدار خالد محمود ۽ سندس زال کي 75 موري سم نالي وٽ روڪي تلاشي ورتي ته 5 سئو گرام چرس ۽ هيروئن جون 28 پڙيون هٿ آيون، جنهن تي پوليس ٻنهي کي گرفتار ڪري نئون ڪوٽ ٿاڻي تي اي ايس آئي مانو مل جي فرياد تي سرڪار پاران ڪيس داخل ڪري ورتو ۽ جوابدار زال مڙس کي جھڏو ۾ لاڪپ ڪيو. پوليس ڪيس ۾ موٽرسائيڪل جو ذڪر ناھي ڪيو. پوليس ڄاڻايو ته معمول جي گشت دوران 75 موري وٽ جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ لڳا، جن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close