پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڪنري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ چونڊيل نمائندن توڙي آبپاشي عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ پاڻي لا دانهون ڪيون. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن اسماعيل رند، وزير پٺاڻ، نظر حسين ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب گذريل ٽن مھينن کان ڪنري شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي، جنهن سبب اسان ڪڻڪ جي پوکائي نه ڪري سگھيا آھيون، اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي پڻ اڻلڀ آهي، جنهن ڪري انسان توڙي جانور پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن. ھنن الزام هڻندي چيو ته منڍ ۾ بااثر آبادگار سرعام پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، آبپاشي عملو رشوت عيوض خاموش تماشائي بڻيل آهي، اسان وٽ پڇڙي ۾ ھاري توڙي آبادگار طبقو سخت مالي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، احتجاج ڪرڻ باوجود چونڊيل نمائندا به نوٽيس نٿا وٺن، جيڪو ظلم آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪنري شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي ڏياري آبادگارن کي رليف مھيا ڪيو وڃي ۽ بااثر آبادگارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button