پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي دوران جهيڙو، نوجوان گرفتار، احتجاج

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي دوران نوجوان آصف علي بروهي جي مزاحمت تي پوليس اهلڪارن سان مبينا جيهڙو ٿي پيو، پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته نوجوان جي گرفتاري خلاف وارثن راڌڻ-ميهڙ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهري دوران مظاهرين ۽ مسافرن ۾ ٽن ڪلاڪن تائين چڪريون هلنديون رهيون. هوڏانهن ٿرڙي محبت ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙکي روڊ کولرائڻ جو چيو ته مڇريل ماڻهن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون پڻ ٿيون. ان سلسلي ۾ مظاهرين عبدالسلام بروهي، عمران بروهي، نعيم بروهي، ياسر بروهي ۽ ٻين چيو ته پوليس بناجواز اسان جي نوجوان کي گرفتار ڪري سندس مٿان جُڙتو ڊيوٽي اٽڪا جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

ٻئي طرف ٿرڙي محبت ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال ڪانڌڙو ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ سنڌ جي حڪم تي منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته هڪ هفتي ۾ ٻن منشيات فروشن کي پڪڙي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن، جن ۾ عبدالعزيز چنجڻي جنهن وٽان هڪ ڪلو چرس هٿ ڪيو ۽ ٻيو مکڻ لاشاري وٽان 5 سئو گرام چرس هٿ ڪرڻ بعد ٻنهي ڄڻن مٿان ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته اطلاع ملڻ ٿرڙي محبت وچ شهر ۾ درگاهه شهيد شيرن تي پوليس ڪارروائي ڪئي ته نوجوان آصف بروهي پوليس سان مزاحمت ڪندي ٻن منشيات فروشن کي فرار ڪرائي ڇڏيو ۽ غيرقانوني عمل اختيار ڪندي پوليس سان جيهڙو ڪيو، جنهن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نوجوان جا وارث نوجوان کي بچائڻ لاءِ پوليس تي دٻاءُ وجهي احتجاج ڪري بچائڻ چاهين پيا پر پوليس هنن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي ۽ منشيات فروشن خلاف وڌيڪ ڪارروائي جاري رکي ويندي. هوڏانهن ڊي ايس پي ميهڙ احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button