پاڪستانخيبرپختونخوا

باجوڙ ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان شهيد

خيبر پختونخوا ۾ باجوڙ ضلعي جي علائقي هلال خيل ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪوهاٽ واسي 33 سالن جو نائيڪ تاج محمد ۽ مالا ڪنڊ سان تعلق رکندڙ 30 سالن جو لانس نائيڪ امتياز خان شهيد ٿي ويا. آ ايس پي آر مطابق 15 ۽ 16 نومبر جي وچ واري رات باجوڙ جي علائقي هلال خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جنهن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي. مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button