پنجاب جي گهرو کاتي وزيرآباد واقعي تي جوڙيل گڏيل جاچ (جي آ ٽي) تي وفاق جي خدشن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب پنجاب جي گهرو کاتي سينيئر اختيارين کي ان حوالي سان آگاهه ڪندي چيو آهي ته وزيرآباد واقعي جي جي آءِ ٽي تي وفاق جا خدشا حق به جانب آهن، جن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. پنجاب جي گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي ۾ انٽيلي جنس ادارن جا نمائندا شامل هجڻ ضروري آهن، جي ان ۾ انٽيلي جنس نمائندا شامل نه هجن ته اها پنجاب جي آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي چئي ويندي. ذريعن ٻڌايو ته وفاق جا خدشا امن امان واري صوبائي سب ڪيبينٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close