پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ نوجوان جو لاش مليو، سڃاڻپ نه ٿي

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار شهر جي بچاڻي هائوس ويجهو نامعلوم نوجوان جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو. شهر جي گنجان آبادي واري علائقي مان لاش هٿ اچڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته نوجوان نشي جو عادي آهي، اسان لاش کي پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال آندو آهي. لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته ٽنڊوالهيار جي اڪثر علائقن مان نشي جي عادي ماڻهن جا لاش ملڻ معمول بڻيل آهن، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button