حيدرآباد: حيدرآباد جي ڪينٽ واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن ريسٽورنٽ جي ملازم کان ٿيل هڪ لک 82 هزار جي ڦر ايس ايڇ او ڪينٽ محمد عزيز سينهڙو 24 ڪلاڪن ۾ پتو لڳائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ڦر ٿيل رقم ريسٽورنٽ جي ملازم کي ڏني وئي. ياد رهي ته رات دير سان ٻن هٿياربندن ريسٽورنٽ جي ملازم کان پوڻا ٻه لک رپيا ڦر ڪيا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close