پاڪستانسنڌ

جهنڊومري ۾ ڪمند جي فصل ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي سميت تعلقي جھنڊو مري ۾ تازو چوماسي برساتن دوران آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ڦٽي، ڪمند ۽ ڪيلي جو فصل 70 سيڪڙو تباھه ٿي چڪو آهي ۽ جڏھن ته باقي سوين ايڪڙن تي بيٺل فصلن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنھن ۾ ڪمند جو فصل تمام گهڻو آھي. ھوڏانھن شگر ملن پاران ڪرشنگ شروع نه ڪرڻ تي آبادگار پريشان آهن. وقت سر شگر ملون نه ھلڻ سبب ڪمند جي ڪٽائي شروع نه ٿي سگهي آهي. تعلقي جھنڊو مري ۾ ھزارين ايڪڙ ڪمند جو فصل برسات جي ڪري سڪي ويو آهي ۽ جڏھن ته ڪمند ۾ وزن نه ھجڻ ڪري ايوريج تمام گھٽ آهي، هاڻ وقت سر شگر ملون نه هلڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکائي پڻ متاثر ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button