پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ معصوم ٻارڙي اغوا، جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي قائد آباد ويجهو مسلم آباد نالي روڊ جي رهواسڻ 12 ورهين جي منيبا ڌي مقبول جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي. رپورٽ موجب ٻارڙي کي جنسي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي. زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي منيبا 2 ڏينهن اڳ لاپتا ٿي وئي هئي، جنهن جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي. لاش مڪي مسجد مسلم آباد ڪالوني ويجهو خالي پلاٽ مان مليو آهي. ايڌي رضاڪارن پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس ۽ اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته قائد آباد مان 7 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ آيو، جنهن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لانڍي جي مسلم آباد ڪالوني ۾ مينگل اسڪول ڀرسان تعمير هيٺ عمارت جي پلاٽ مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو ۽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ايس ايس پي ملير عرفان بهادر جو چوڻ آهي ته ڇوڪري خميس ڏينهن 2 وڳي گم ٿي هئي، جنهن جو لاش اڄ جمعي ڏينهن مليو آهي.

هن چيو ته پوليس وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽرن جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهي آهي. هن چيو ته نينگري جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سيد ميڊيا کي ٻڌايو ته ڇوڪري جو لاش قائدآباد پوليس اسٽيشن جي حد مان آندو ويو، جنهن جي سڄي جسم ۽ خاص طور تي مٿي تي سخت زخم هئا. هن چيو ته شروعاتي رپورٽ موجب زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي، ڊي اين اي پروفائلنگ ۽ ڪراس ميچنگ لاءِ نمونا ورتا ويا آهن. هن چيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته موت دم گهٽڻ سبب ٿيو آهي پر ٻيا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ نمونا حاصل ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button