پاڪستانسنڌ

خيرپور لڳ سيوهڻ حادثي جي 20 فوتين جي آلين اکين سان تدفين، لاش کڄڻ تي ماحول سوڳوار، قيامت صغرى

خيیرپور/پيرجوڳوٺ (رپورٽون: محمد راشد سمنگ/اظهر ابڙو) درگاهه قلندر تي سکان کڻي ويندڙ خيرپور واسي پانڌيئڙن سان پيش آيل حادثي ۾ فوت ٿيل ھڪ ئي خاندان جي 20 ڄڻن جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو، اوڇنگارن ۽ سسڪين سان تدفين ڪئي وئي، لاش کڄڻ تي قيامت صغرى جو منظر هو، خبر موجب 2 ڏينهن خيرپور ڀرسان ڳوٺ دائود ڦلپوٽو جي ڀونگاڻي پاڙي جا رھواسي قلندر شھباز تي سکا ڏيڻ لاءِ وڃي رھيا ھئا ته سيوهڻ ٽول پلازه ڀرسان وين ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال لاءِ لڳايل ڪٽ ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنھن سبب وين ۾ سوار ھڪ ئي خاندان جون 12 عورتون ۽ 8 ٻارڙا ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جا مڙهه باک ڦٽيءَ مھل ڳوٺ پهتا ته ڪھرام مچي ويو. فوتين جي جنازي نماز عيد گاهه گرائونڊ تي مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو ادا ڪرائي، جنھن ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سیينيئر وائیيس چیيئرميین امجد خان مھيسر، انجمن تاجران جي صدر عبدالغفار شیيخ، سردار غلام حيدر ڦلپوٽو، طاھر امتياز ڦلپوٽو، ڊاڪٽر پيارو ڦلپوٽو، عتيیق الرحمان ڦلپوٽو، نظير حسين ڦلپوٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر صفدر علي ميراڻي، اي ايس پي مغيز هاشمي، ڏاڏو اطھر سومرو، مومن سمون، اشرف ڪلھوڙو، سميت جسقم جي ڪارڪنن، خيرپور ۽ سکر جي صحافين، سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن، ڳوٺاڻن، مٽ مائٽن، وڪيلن، ڊاڪٽرن مختلف تنظيمن جي مرڪزي اڳواڻن سميت ٻين هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، فوتين کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوتين جي جنازي ۾ ڪوبه چونڊيل نمائندو شامل نه ٿيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ خيرپور انتظاميا طرفان فوتين جي وارثن جي ڪابه مالي مدد نه ڪئي وئي آهي، حادثي سبب سڄي ضلعي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل رھي، ڀرپاسي وارا علائقا سوڳ سبب بند رھيا.

ھوڏانھن ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايت ۽ ويگن جي حادثي بابت اطلاع تي ڊسٽرڪٽ انتظاميه خيرپور، ڄامشورو ضلعي انتظاميه سان رابطي ۾ هئي ۽ مڙهه پوليس جي سهڪار سان صبح جو 5 وڳي ڳوٺ پهتا ته مان پاڻ موجود ھيس، واقعو ڏکوئيندڙ آهي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه خيرپور پوئنرن سان هر سطح تي سهڪار ڪندي، حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميه سان رابطي ۾ آهيون، رپورٽ اچڻ بعد معلوم ٿيندو. جڏهن ته ايس ايس پي مير روحل خان کوسو چيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر جي هدايت موجب خيرپور پوليس سموري صورتحال ۾ موجود رهي، واقعو وڏو سانحو آهي هر سطح تي پوليس ۽ انتظاميه پاران وارثن سان سهڪار ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ پاران مليل هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن آفيسرن سان رابطي ۾ آهيون، جلد بهتر ٿيندو. ٻئي پاسي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر چيو آهي ته سنڌ جا روڊ رستا غيرمحفوظ بڻيل آهن، سرڪار رڳو ٽول ٽيڪس وٺڻ ۾ پوري آهي، سيوهڻ واقعي جي ذميوار سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميا ۽ روڊ اٿارٽي عملو آهي، واقعي جو ڪيس ضلعي انتظاميا ۽ نيشنل ھاءِ وي جي عملدارن مٿان داخل ڪيو وڃي. ٻئي طرف پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني، ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني، صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني، ايم اين اي مھرين ڀٽو، وڏي وزير جي خاص مددگار نواب وساڻ، ايم پي اي منور وساڻ، صوبائي وزير اوقاف سنڌ پير سيد احمد رضا شاھه جيلاني پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. فوتين کي آلين آکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوت ٿيل 20 ڄڻن ۾ هڪ هڪ گهر جا 5-5 ڀاتي شامل آهن، جنهن ۾ 3 سڳا ڀائر شهزادو پٽ غلام عباس، محبوب پٽ غلام عباس، حسن پٽ غلام عباس ٻه ڀينر ۽ امڙ شامل آهن، ٻئي گهر جا ٻه سڳا ڀائر الهڏنو ۽ محمد عثمان پٽ غلام شبير ڦلپوٽو، 2 ڀينرون محموده ۽ هير ڌي غلام شبير، سندن ما ۽ ٽئين گهر جو هڪ ڀا، هڪ ڀيڻ، سندن ما ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته هڪ ئي وقت 20 جنازا کڄڻ تي قيامت صغرى جهڙا منظر هئا. عورتون، مرد ۽ معصوم ٻارڙا پنهنجن پيارن کي چنبڙي زارو قطار روئي رهيا هئا ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو.

جڏهن ته فوتين جي جنازي نماز دوران وارثن واقعي کي انتظامي لاپرواهي قرار ڏيندڙ سيوهڻ انتظاميه کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سانحو سيوهڻ انتظاميه جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي، جنهن ۾ اسان جا 20 معصوم ٻارڙا ۽ عورتون فوت ٿي ويون آهن. هنن چيو ته ٻوڏ دوران جيڪو ڪٽ لڳايو ويو هو انتظاميا کي گهرجي ها ته ڪٽ بند ڪري ها يا اتي ڪو بورڊ لڳائي ها ته جيئن ته آساني سان اچي وڃي سگهجي ها يا ٻئي روٽ ذريعي قلندر جي مزار تائين پهچون ها. هنن چيو ته ٽيجهي تائين جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھه اسان وٽ نه ٿو پهچي يا ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته ٽيجهي واري ڏينهن شاھه حسين با پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويندو. واضع رهي ته واقعي ۾ الهڏنو پٽ شاهنواز ڦلپوٽو، عثمان پٽ غلام شبير ڦلپوٽو، محبوب پٽ غلام عباس، جمن خاتون زال غلام عباس، ليلا زال غلام نبي، شاهدا زال شاهنواز، شهزادو پٽ غلام عباس، سونهن ڌي غلام عباس، شاهنواز پٽ غلام عباس، مديحه ڌي غلام عباس، الهڏني ڌي غلام رضا، بينظير زال شاهنواز، ڀنڀل خاتون زال غلام حيدر، ثنا زال عرفان علي، نجما ڌي الطاف، محمودا ڌي غلام شبير، هير ڌي غلام شبير، دلشاد ڌي الطاف حسين، سڌير زال غلام حيدر ۽ ڪلثوم ڌي الطاف حسين فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته زخمين ۾ مھتاب پٽ غلام نبي، محسن علي پٽ گل حسن، شاھنواز پٽ رضا محمد، الطاف حسين پٽ غلام نبي، صدام پٽ الطاف حسين، نديم پٽ الطاف حسين، علي پٽ غلام عباس، ذوالفقار پٽ الطاف حسين، عمر پٽ غلام عباس، مسڪان ڌيءَ غلام عباس، جنت ڌيءَ شاھنواز، عابده پروين ڌيءَ خان محمد، زاھدہ ڌيءَ غلام شبير شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button