سنڌ

سيوهڻ حادثي ۾ 13 ڄڻن جون حياتيون بچائيندڙ پوليس اهلڪار ۽ نئين حادثي جو انتظار

سيوهڻ پوليس جي سپاهي مبين ملاح مسافر وين پاڻي جي کڏ ۾ ڪرڻ واري هان ڏاريندڙ حادثي ۾ ٻارن سميت 13 ماڻهن جون حياتيون بچائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو، جنهن تي کيس ساراهيو پيو وڃي پر ساڳئي وقت مبين ملاح جو چوڻ آهي ته جنهن وقت هي حادثو پيش آيو مان رڙيون ڪري رهيو هئس ته ٻيا ماڻهو به پاڻي ۾ لهن ته جيئن اسان وڌ کان وڌ مسافرن جي حياتي بچائي سگهون، حادثي وقت ٻيا ماڻهو به ڪناري تي موجود هئا پر ڪا مدد ڪرڻ بدران موبائيل فون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ ۾ مصروف هئا. بي بي سي سان ڳالهائيندي مبين ملاح چيو ته منهنجي ڊيوٽي پوليس مددگار 15 تي هوندي آهي ۽ اطلاع ملندي ئي 5 منٽن جي اندر حادثي واري هنڌ پهچي وياسين، اصل ۾ ان هنڌ تي هڪ موڙ (ڊائيورشن) آهي پر موٽر وي پوليس يا نيشنل ها وي اٿارٽي ان جا تي ڪو به نشان ناهي لڳايو، وين جو ڊرائيور 70 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اچي رهيو هو ته گاڏي موڙ جي ويجهو پهچندي ئي سامهون کان ايندڙ گاڏين کان بچڻ جي ڪوشش ۾ روڊ کان هيٺ لهي پاڻي ۾ هلي وئي. 2013ع کان پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ مبين ملاح ٻڌايو ته جڏهن مان پهتس ته وين جو ڊرائيور، ڪلينر ۽ هڪ ٻار سميت 4 ماڻهو ٻاهر نڪري چڪا هئا، آئون قميض لاهي پاڻي ۾ لهي ويس، وين جو دروازو هيٺ دٻجي ويو هو، صرف شيشا هٽائي ڪير ٻاهر نڪري پئي سگهيو، منهنجي مدد لا هڪ مهاڻو ۽ هڪ ڊاٽسن ڊرائيور هيٺ لهي آيا، مون ٻين ماڻهن کي به مدد لا پڪاريو پر ڪو ماڻهو وڊيو ٺاهڻ ۾ مصروف هو ته ڪير لائيو منظر ڏيکاري رهيو هو، بهرحال اسان ٽنهي گڏجي 13 ماڻهن کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو، جن مان اڪثر ٻار شامل هئا. هن چيو ته فوت ٿيل مسافرن کي ڌڪ نه لڳا هئا اهي پاڻي ۾ ٻڏڻ ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويا، جيڪي ماڻهو اسان ٻاهر ڪڍيا اهي بيهوش هئا ۽ انهن جي وات مان گجي نڪري رهي هئي، جن کي سيوهڻ اسپتال روانو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته مون پوليس جي نوڪري دوران ٻه ڀيرا قيامت جهڙا منظر ڏٺا آهن، پهريون ڀيرو جڏهن قلندر لال شهباز جي مزار تي آپگهاتي بم حملو ٿيو هو ۽ ٻيو هي وين وارو حادثو، ڪنهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو، جڏهن اسان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي رهيا هئاسين ته هڪ عورت جي ڄنگهه ڦاٿل هئي، سيٽ جي هيٺان ڇهن ورهين جو هڪ ٻار هو، جنهن جي قميص کي ڄاڻايل عورت پنهنجي هٿ ۾ جڪڙي رکيو هو، ٻنهي جي فوت ٿيڻ کانپو عورت جي هٿن مان پنهنجي ٻچي جي قميض نه نڪتي هئي. مبين ملاح مطابق ڊرائيور ٻڌايو ته کيس 7 ڌيئرن بعد پٽ جو اولاد ٿيو آهي، جنهن جي باس ڏيڻ لا قلندر جي مزار تي وڃي رهيا هئاسين، حادثي جو شڪار ٿيل ماڻهو خيرپور ميرس جا رهواسي ۽ ڦلپوٽو برادري سان تعلق رکن ٿا. مبين ملاح وڌيڪ چيو ته ٻوڏ کانپو هر ٽئين ڏينهن ڪو نه ڪو حادثو ٿيندو آهي ۽ ڪو نه ڪو انسان زندگي وڃائي ويهندو آهي. هاڻي توهان ڇا ڪندا؟ ان سوال جو جواب ڏيندي مبين ملاح چيو ته هڪ ٻئي حادثي جو انتظار.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button