اسلام آباد:پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سپهه سالار جي مقرري جو معاملو ڪنهن به صورت سياسي نه هئڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي صدر چيو ته اسان پاڪ فوج ۾ پروموشن جي نظام جي مضبوطي تي يقين رکون ٿا. سمورا ٿري اسٽارز جرنلز برابر آهن ۽ آرمي جي سربراهي جي مڪمل اهل آهن. سپهه سالار جي مقرري جو معاملو ڪنهن صورت ۾ سياسي نه هئڻ گهرجي. هي قدم اداري کي نقصان ڏيندو. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون مطابق وزيراعظم ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close