اسلام آبادپاڪستان

لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي ويو آهي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب دعويٰ ڪئي آهي ته قاتلاڻي حملي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪا گولي ناهي لڳي. عمران خان جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هو آرمي چيف کي بند ڪمرن ۾ مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪندو آهي ۽ ٻاهر وري مير جعفر ۽ جانور چوندو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جي تقرير جي رد عمل ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم آهي. هن چيو ته عمران خان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان آئين جي ڀڃڪڙي ڪرائي، ان باوجود ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته توشا خاني جي واچن جو غلط اندازو لڳايو ويو، عمران کي واچن جي وڪري جون رسيدون ڏيڻ گهرجن، ان حوالي سان دبئي ۽ برطانيا جي عدالتن ۾ ڇو وڃي رهيو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شهزاد اڪبر ۽ فرح گوگي واچ کي دبئي کڻي ويا، جنهن بعد واچ جي وڪري مان مليل رقم چارٽرڊ جهاز ذريعي پاڪستان آندي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button