ڪراچي: ڪراچي ۾ تيزرفتار ڊمپر هڪ معصوم ٻارڙي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. بلديا ناردرن بائي پاس جي لڪي چڙهائي تي ٽول پلازه وٽ ڊمپر جو ٽڪر لڳڻ سبب ٻارڙي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. حادثي جي شڪار ٻارڙي جو لاش سول اسپتال ٽراما سينٽر پهچايو ويو، جنهن جي سڃاڻپ 12 ورهين جي قدرت الله ولد نيڪ محمد طور ٿي آهي. اهڙو ئي هڪ واقعو گذريل ڏينهن سرجاني بابا موري ويجهو پيش آيو هو، جتي ڊمپر اسڪولي شاگردن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو هو. حادثي جو شڪار ٿيل اسڪولي شاگرد موٽرسائيڪل تي سوار هئا، جڏهن ته زخمي ۽ فوت ٿيندڙ ٽئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close